خيرپورميرس ۾ لڳاتار برسات تباھي مچائي ڇڏي، شھري پريشان
راڻيپور(روپوٽ:سعيداحمدسھتو) خيرپورميرس ضلعي ۾ ٻن ڏينھن کان لڳاتار برسات تباھي مچائي ڇڏي خيرپور ميرس ضلعي جي مڙني شھرن گمبٽ ۔ڪنمب ۔رڻيپور ۾ شھرن جا رستامڪمل پاڻي ھيٺ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل ماڻھو گھرن تائين محدود روڊ رستا بس اسٽينڊ۔اسٽيشن روڊ ۔واپڊا آفيس۔سول اسپتال ۔مڪمل پاڻي جي گھيري ۾ نيشنل ھاء وي تي پاڻي چڙي ويو
گاڏيو مٿئين ھڪ رستي تي ھلڻ لڳيون ۔راڻيپور آس پاس فصلن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيھجي ويو وونڻن جي فصل کي ڪاپاري ڌڪ گھڻي پاڻي ۽ ڏينن جي وزن سبب وونئڻ پاڻي ۾ ڪري پيا ھاري اڳئين برسات جا سٽيل وري فصل جي حالت ڏسي ھارين جا مٿي تي ھٿ حڪومت اڃان اڳين سروي ئي ڪانه ڪئي وري مسڪين مارو ن ٻڏي ويا
بس الله اڳتي پناه ڏئي ورن نه ماڻھو فاڪا ڪشيء جي زندگي گذارڻ تي مجبورٿيندا غريب ماڻھو اڳئي مھانگائيء جي چڪي ۾ پيسجي رھيو ھيو ويتر ماڻھن جا اھنج وڌي ويا غريب اڳئي ٻ ويلا ماني لاء پريش حڪومت پاڻي ڪڊڻ جا تڪڙا اپاء نه ورتا ت پوء فصلن جو واھي الله آھي.
جُولاءِ 25, 2023