لاڙڪاڻو: 500ٻوڏ متاثرن کي ڳوٺ آباد اسڪيم ۾ گھرن جون سندون ڏنيون ويون
لاڙڪاڻو ( بيوروچيف : عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو جيڪب آباد جيڪب آباد ضلعي ۾ 2022 جي برساتن ۾ ٻوڏ متاثرخاندانن کي خوشحال بڻائڻ ۽ سنڌ سان محبت جي اعتراف طور سنڌ ڳوٺ آباد (هائوسنگ اسڪيم) ايڪٽ 1987ع تحت رهائشي پلاٽ جون سندون ۽ ساڻ گھر ٺھرائڻ لاء فنڊز جي تقریب ڪمشنر لاڙڪاڻو گنهور لغاري ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد محمد يوسف شيخ ۽ مير لياقت علي خان لاشاري صدر پاڪستان پيپلز پارٽي جیڪب آباد، صدر لیڊیز ونگ ڊاڪٽر فرخندہ، جنرل سیڪریٽري پي پي پي جیکب آباد عارب دایو ۽ ٻین پاران سنڌ حڪومت جي هدايت موجب متاثر ٿیل علائقي ویجھو مالڪاڻا حق ۽ گھر ٺھرائڻ جي فنڊز جي سلسلي ۾ پھرین فیز ۾ متاثر ٿیل ۵۰۰ عورتن ۽ مردن ۾ ڳوٺ آباد جون سندون ورھایون ويون
متاثر ٿیل منجھان عورتن پنھنجا خیال ونڊیندي سنڌ حڪومت، ضلعي انتظامیا ۽ پولیٽیکل قیادت جو شڪریو ادا ڪیو۰ مسمات رخسانا ٻڌایو تہ آڪٽوبر ۾ چیف منسٽر مراد علي شاھ ھنن جي ریلیف ڪئمپ ۾ آیو ۽ اسان سان گھر ٺھرائڻ ۽ گھر جي مالڪاڻي حق جو واعدو ڪیو۰ اڄ اھو واعدو سنڌ حڪومت ۽ نوجوان قیادت جناب بلاول ڀٽو زرداري پورو ڪیو آھي جنھن لاء اسین عورتون شڪر گذار آھیون۰
ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر تقريب دوران ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جو هي ٻيو تاريخ ساز فيصلو آهي جو بي گهر ٻوڏ ستايلن لاءِ گهر جي اڏاوات جي رقم جي فراهمي سان گڏوگڏ مالڪاڻا حق ڏيڻ لاءِ ڪوشان آهن
هنن وڌيڪ چيو ته پهرين فيز ۾ جيڪب آباد ضلعي جي 500 کا وڌيڪ خاندانن کي مالڪاڻا هڪ ڏئي نوان گهر تعمير ڪرڻ جو آغاز ٿي چڪو آهي…
ان موقعي تي ٻوڏ متاثرن پاران سنڌ حڪومت جي اهڙي شاندار ڪمن جي واکاڻ ڪئي ۽ ساراهيو پڻ ويو.
جُولاءِ 24, 2023