آءِ ايم ايف  جي شرط تي بجلي مهانگي ڪئي: وزير اعظم

Spread the love

وزير اعظم پاڪستان ميان شهباز شريف دعويٰ ڪئي آهي ته بجلي مهانگي ٿيڻ جو ڪارڻ آءِ ايم ايف جا سخت شرط هئا، ڪوشش ڪريون پيا ته عوام کي رليف ڏيون

وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي شرط تي بجلي مهانگي ڪئي آهي، لائف لائن ۽ پروٽيڪٽڊ صارف زمري ۾ نه ايندا

اسلام آباد ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ پيٽروليم صنعت ۾ سهڪاري معاهدي تي صحيحن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاهدي جو مدو هڪ سال آهي، جنهن ۾ واڌ ڪري سگهجي ٿي، معاهدي دوران هر مهيني ايل اين جي جو هڪ جهاز خريد ڪيو ويندو

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته معاهدي تحت جيڪڏهن اسان ڪارگو نه کڻنداسين ته ڏنڊ نه لڳندو، پاڪستان کي ايل اين جي ڪارگو خريد ڪرڻ جو اختيار هوندو، معاهدو ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم اڳڀرائي آهي

وزيراعظم چيو ته مان سختي سان چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو بار غريبن تي نه وجهندس، بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سان 63 سيڪڙو گهريلو صارفين تي بار نه پوندو، 200 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ بجلي جي اگهن ۾ ڪو به اضافو ناهي ڪيو ويو، 31 سيڪڙو گهريلو صارفين کي بجلي جي مد ۾ جزوي سبسڊي ڏني وئي آهي

هن چيو ته آءِ ايم ايف جو سخت شرط هو ته بجلي جا اگهه وڌايا وڃن، آءِ ايم ايف معاهدي جي ڪري مجبوري ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي

جُولاءِ 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو