ڪشمور: ڊپٽي ڪمشنر پاران ٽن هاير سيڪنڊري اسڪولن ۾ لائبريرين جو  افتتاح ڪيو ويو

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ: طلعت نظير دايو)ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي پاران ضلعي ۾ ٽن هاير سيڪنڊري اسڪولز اندر لائبريرين جو  افتتاح ڪيو، ڪشمور ضلعي جي  ٽنهي تعلقن ۾ لائبريري جو قيام  وڏي ڪاميابي آهي

 آباد لائبريري سٺي معاشري جي عڪاسي ڪن ٿيون اسان جي ضلعي جي نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجو وقت لائبريري کي ڏئي سٺا قابل آفيسر بڻجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٽائون ڪشمور ٽائون ڪاميٽي ۾ به جلد  لائبريرين جو ڄار وڇايو ويندو ته جئين هتان جي نوجوانن ۾ تعليم سان دلچسپي پيدا ٿئي۔ ڊي سي منور علي مٺياڻي،

خبر موجب ڪشمور جي گورنمينٽ گرلز ھاير سيڪنڊري اسڪول ڪشمور گورنمينٽ بوائز ھاير سيڪنڊري اسڪول  بخشاپور ھاير سيڪنڊري اسڪول ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي، آغا نور محمد پٺاڻ چيف ايگزيڪيوٽو انڊس ڪاٽيج لائبريري نيٽورڪ اسڪولس پاڪستان ۽ ٻين ربن ڪاٽي لائبريري جو افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي پرنسيپال شاهينه ميمڻ , ڊپٽي  ڊي او عبدالعزيز ڄامڙو , تعلقا ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري عبدالسميع چنا , تعلقا ايجوڪيشن آفيسر گرلز رقيعه ڀٽي ۽ ٻيا  پڻ موجود ھئا.

جُولاءِ 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو