پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ کٽي ورتو، فائنل ۾ ڀارت کي شڪست

Spread the love

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) پاڪستان شاهينز ايمرجنگ ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ ڀارت اي کي شڪست ڏئي فائنل کٽي ورتو. سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ کيڏيل فائنل ۾ ڀارت اي جي ڪپتان ٽاس کٽي پاڪستان شاهينز کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني

پاڪستان شاهينز مقرر 50 اوورن ۾ طيب طاهر جي شاندار سينچري ۽ صاحبزاده فرحان ۽ صائم ايوب جي ففٽي جي بدولت 352 رنسون ٺاهيون. پاڪستان طرفان ڏنل هدف جي تعاقب ۾ ڀارتي ٽيم جي اوپنرز پنهنجي ٽيم کي 64 رنسن جي شروعات ڏني پر پهرين وڪيٽ ڪرڻ کانپوءِ ڀارتي وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو

اڀيشڪ شرما ۽ ڪپتان يش دل کان سواءِ ڪو به ڀارتي بيٽسمين پاڪستاني بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو، اڀيشڪ 61 ۽ يش 39 رنسون ٺاهيون. پاڪستان شاهينز پاران ڏنل هدف جي تعاقب ۾ ڀارت اي ٽيم 224 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ اهڙي طرح پاڪستان ايمرجنگ ايشيا ڪپ 128 رنسن تان کٽي ورتو

پاڪستان طرفان صفيان مقيم 3 ڀارتي رانديگرن کي پويلين جو رستو ڏيکاريو جڏهن ته محمد وسيم، ارشد اقبال ۽ مهران ممتاز ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. پاڪستان جي طيب طاهر کي شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو

جُولاءِ 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو