شبير بجاراڻي جو يوٽرن
سنڌ جي وزيرن ڪارونجهر جبل جي نيلامي وارو اشتهار جاري ڪرڻ جو ذميوار ڪامورن کي قرار ڏنو آهي
صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته معدنيات کاتي جي ڪامورن صوبائي وزير سان مشاورت کانسواءِ اشتهار جاري ڪيو هو، اشتهار ۾ ڪارونجهر جي 17 سائيٽس جي نيلامي لاءِ 27 جولاءِ تائين درخواستون گھرايون ويون هيون
معدنيات واري وزير شبير بجاراڻي اشتهار جو دفاع ڪندي چيو هو ته سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون آهن، اڄ صوبائي وزير شبير بجاراڻي سنڌ اسيمبلي ۾ پنهنجي موقف تي قلابازي کائيندي چيو ته ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي توڙي نيلامي جو تصور به نٿا ڪري سگهون
شبير بجاراڻي ڪارونجهر جبل جي نيلامي واري ٽينڊر جي حمايت ۾ جاري ڪيل پنهنجا ٽويٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا، صوبائي وزيرن ذميوار ڪامورن خلاف ڪارروائي ٿيڻ يا نه ٿيڻ بابت آگاهي نه ڏني
جُولاءِ 24, 2023
