سيوھڻ: ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو سلسلو جاري، ذوالجناح جلوس برآمد
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ رحمت سنڌ قلندر لعل شھباز رحمت الله عليہ جي ننگري ۾ تيز برسات ھوندي ب يا حسين ياحسين جون صداوءن بلند رھيون،سيوھڻ ۾ ڪربلا جي شھيدن کي ڀيٽا ڏيڻ جو ھر روز سلسلو جاري 5 محرم الحرام جي ڏينھن تي امام حسين ع ۽ ان جي جانثارن جي ڏنل لازوال قربانين جي ياد ۾ ذوالجناح جو جلوس برآمد ڪيو ويو ،
جلوس کان پھريان انجمن جعفريـ ڊاڪٽر اقبال جعفري جي امام بارگاھ تي مجلس عزا برپا ڪئي ويئي، مجلس ۾ خطيب علامـ غلام شبير حيدري امامن سڳورن جي ڏنل لازوال قربانين تي روشني وڌي ، حق ۽ باطل جي جنگ ۾ فتح ھمشيـ حق جي ٿيندي آھي ،
جلوس ۾ عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ سينا زني ۽ زنجير زني ‘ ڇرين ۽ چاڪن جو پڻ ماتم ڪيو ويو جلوس پنھنجي روٽ مطابق حضرت لعل شھباز قلندر رحمت الله عليه جي درگاھ کان ٿيندو درگاهه ڇٽو عمراڻي تي نھر ٿيو ـ جلوس ۾ سيوھڻ پوليس پاران سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا.
جُولاءِ 24, 2023