دادو: ٻوڏ متاثرين بابت سروي نھ ٿي سگھيو، متاثر کليل آسمان ھيٺ ويٺل

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ مون سون برساتن جو سلسلو جاري برسات سبب ٻوڏ متاثرين جا اهنج وڌي ويا تعلقي دادو جي يونين ڪائونسل يار محمد ڪلهوڙو جي ڳوٺ حاجي ماهي خان خاصخيلي سميت ٻوڏ متاثرين لاءِ سنڌ حڪومت پاران گهر ٺاهي ڏيڻ لاءِ سروي به مڪمل نه ٿي سگهي گهر نه ٺهڻ ڪري مون سون جي برساتن ۾ ٻوڏ متاثر کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل ضلعي دادو ۽ ڀرپاسي ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات پوڻ ڪري جوهي تعلقي جي کيرٿر جابلو پٽي ۾ هڪ دفعو ٻيهر برسات پوڻ ڪري نئين گاج جي وهڪرن ۾ وڏي چاڙھ جاري بهاول ٻٻر،شير محمد ٽالپر،جام ٻٻر،ساوڙو،راڄو ڳنڍو، سميت 50 کان وڌيڪ ڳوٺن کي پاڻي گهيري ورتو نئين گاج جو پاڻي اچڻ سبب واٽر سپلائي اسڪيم حاجي خان واهي روڊ به مڪمل آمد رفت لاءِ بند ٿي ويا نئين گاج جو پاڻي تيزي سان ايف بند ڏانهن وڌڻ لڳو نئين گاج اچڻ ڪري ڪاڇي جي سوين ڳوٺن جو تعلقي هيڊڪواٽر جوهي سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو روڊ رستا پاڻي ھيٺ اچي ويا نئين جو پاڻي ايف پي بند سان ٽڪرائجڻ بعد منڇر ڍنڍ ڏانهن وڃڻ لڳو جڏهن ته دادو شهر ۾ به برساتي پاڻي تلاءُ جا منظر پيش ڪرڻ لڳو برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو.

جُولاءِ 24, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو