دادو: نئين نلي ۾ مڇي جي شڪار تي ويل 3 دوست ٻڏي فوت
دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) نئين نلي ۾ مڇي جي شڪار تي ويل 3 دوست ٻڏي فوت ٿي ويا، سنڌ بلوچستان کيرٿر جابلو پٽي تي برساتن سبب نئين گاج دادو ضلعي جي ڪاڇي واري علائقن ۾ مسلسل برسات جي وسڪاري سبب ٻوڏ اچي وائي،
واھي پانڌي لڳ ٻوڏ جي پاڻي ۾ مڇي جي شڪار تي آيل ٽي ڄڻا لڙھي فوت ٿي جن مان ٻن ڄڻن صدر لغاري ۽ مظهر لغاري، علي نواز لغاري جا لاش ريسڪيو ذريعي ڳولا بعد ڪڍيا ويا، 6 دوست عزيزن مان ٽي ڄڻا واپس گهرن ڏانهن موٽي آيا ۽ ٽي ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي لڙھي مري ويا،
ھوڏانھن فوتي جي وارثن ۽ لغاري برادري ۾ شديد غم ۽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، ٻئي طرف نئين گاج ندي وھي اچڻ ڪري حاجي خان لڳ کوسا، شيخ، لغاري، سولنگي، برھماڻي برادرين جا ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويا. زندگي مفلوج ٿي وئي آهي.
جُولاءِ 24, 2023