دادو: بجلي جي ڪرنٽ وگھي فوت ٿيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاھرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ 15 ڏينهن اڳ بجلي جي پول تي خانگي مستري ڪم ڪندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيل نوجوان شھباز سولنگي جي وارثن والد نور محمد سولنگي، سولنگي اتحاد چيف آرگنائزر محمد حسین سولنگي، جنرل سيڪريٽري عبدالمجيد، نه ليگ نائب صدر عيسيٰ، نيڪ محمد سولنگي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيپڪو دادو ايل ايس ماجد مستوئي لائين مين علي بخش گوپانگ واپڊا ۾ نوڪري جي آسري فوتي شھباز سولنگي کان بجلي جي پول تي ٽرانسفارمر ٺاهڻ جو ڪم وٺندا هئا،شھباز کي پول تي چاڙهي بجلي چالو ڪرائي ماريو ويو آهي،
هنن چيو ته ايف آئي آر ۾ جوابدار سيپڪو ملازم ساجد مستوئي رٽائر ايس ايس پي جو پٽ آهي جنهنجي دادو پوليس ونگار وهي ڪيس مان آجو قرار ڏيڻ واري ڪوشش ۾ آهي، پوليس جو ڪم ڪيس چالان ڪري عدالت ۾ پهچائڻ آهي عدالت جيڪو فيصلو ڪري اسان کي منظور آهي،
فوري طور سندن ڪچي ضمانت رد ڪئي وڃي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، سيشن جج دادو، آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو ايم اين اي رفيق احمد جمالي کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪري جوابدارن کي سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ سولنگي اتحاد پاران سنڌ، پنجاب ۾ احتجاج ڪندي.
جُولاءِ 24, 2023