وڳڻ:  دوڪان مان رقم ۽ ٻيو سامان چوري، دوڪاندار پريشان

Spread the love

وڳڻ ( رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ رات دير سان چورن پاران ڪريانه جي دوڪان مان ھزارين روپيه  روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻھاري فرار ٿي ويا

خبر موجب وڳڻ ويجھو ڳوٺ جعفراڻي مان رات دير سان ياسين پنھور جي دوڪان جو ڇٽر پٽي چور پندرھن ھزار کان مٿي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻھاري فرار ٿي ويا ان حوالي سان دوڪاندار ياسين پنھور ٻڌايو ته رات دير سان چور منھنجي دوڪان جو ڇٽر پٽي دوڪان ۾ داخل ٿي روڪ رقم سولر پليٽ بيٽري سگريٽ ۽ ٻيو قيمتي سامان ٻھاري ويا آھن

جڏھن ته  چوري وارڌات کان پوءِ وڳڻ ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي  متاثر دوڪاندار جو چوڻ ھو ته مسڪين ماڻھون آھيون پوليس انصاف ڪري چور پڪڙي چوري ٿيل سامان واپس ڪرائي

جڏھن ته ڪجھ ڏينھن پھريان به نئون ڳوٺ مغيري واسي رٽائر فوجي لال بخش مغيري جي گھر کي رات جي وقت چورن پاران کاٽ ھڻي لکين روپيه روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي چور آساني سان فرار ٿي ويا ھئا

جنھن بعد وڳڻ پوليس ڪک ڀنڃي ٻيڻو ناھي ڪيو روز به روز وڌندڙ چورين جي وارداتن کان پوءِ شھرين ۾ خوف حراس ڇانيل وڳڻ جي سڃاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪندي چيو ته نوٽيس وٺي شھر جو امن امان بحال ڪرائي وڳڻ واسين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو