مقبول ڳائڻي صنم ماروي ٽئين مڙس کان به طلاق وٺي ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نامياري ڳائڻي صنم ماروي ٽئين مڙس کان به طلاق وٺي ڇڏي.
گلوڪارا صنم ماروي ٽئين مڙس حبيب قريشي سان ڳجهو نڪاح ڪيو هو، عدالت خلع جي ڊگري ست جولاءِ تي جاري ڪئي.
گلوڪارا عليحدگي واري معاملي تي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مان هڪ شادي ڪيان يا چار، اِها منهنجي مرضي آهي.
ان کان اڳ صنم ماروي ٻئي مڙس حامد علي بهلوال مٿان تشدد جو الزام مڙهي کائنس طلاق ورتي هئي.
سندس پهرين شادي آفتاب احمد سان ٿي هئي جنهن کي ٻه هزار نوَ ۾ ڪراچيءَ ۾ قتل ڪيو ويو هو
جُولاءِ 23, 2023