ڪي پي ڪي ۾ طرفاني برساتن تباهي مچائي ڇڏي، نوَ ڄڻا فوت، گهر ڊهي پٽ
پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپخونخوا ۾ تيز برساتن سبب نوَ ڄڻا فوت ۽ ست ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي طرفان صوبي ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جي حوالي سان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.
پي ڊي ايم اي موجب، صوبي ۾ تيز برساتن جي نتيجي ۾ ٿيل حادثن ۾ نوَ ڄڻا فوت ۽ ست ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پي ڊي ايم اي جو چوڻ آهي ته ٻوڏ ۽ برساتن سبب ست گهر تباهه ٿيا جڏهن ته 67 گهرن جي جزوي نقصان پهتو آهي، چترال لوئر ۾ ٻوڏ سبب 39 ۽ اَپر چترال ۾ 19 گهرن کي جزوي نقصان پهتو آهي.
رليف کاتي جي سيڪريٽري موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب متاثرضلعن لاءِ ڇهه ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن، اپر ۽ لوئر چترال لاءِ ٻه، ٻه ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن.
انکانسواءِ بنو ۽ شانگلا لاءِ هڪ، هڪ ڪروڙ رُپيا جاري ڪيا ويا آهن.
ٻئي پاسي رليف کاتي جي ترجمان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اپر چترال جي متاثر خاندانن کي امدادي سامان فراهم ڪيو ويو آهي ۽ لوئر چترال جي حساس علائقن جي آبادي کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ضلعي انتظاميا دير لوئر روڊ کي ٽريفڪ لاءِ ڪليئر ڪري ڇڏيو آهي
جُولاءِ 23, 2023