ڪنڌ ڪوٽ: تنگواڻي لڳ شاخ جا ڪپر ڪمزور، پاڻي ڪپر کي پائڻ لڳو
ڪنڌ ڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو)تنگواڻي لڳ ڳوٺ الله آباد ۽ محمد امين جعفري ويجھو شاخ جا ڪپر ڪمزور ھئڻ ڪري پاڻي ڪپر پائڻ لڳو ڳوٺاڻا پنھجي مدد پاڻ تحت ڪپر کي مضبوط ڪرڻ ۾ رڌل ڳوٺاڻن پاران انتظاميا کي اطلاع ڏيڻ باوجود به ڪو به تدارڪ نه ٿي سگھيو جنھن جي ڪري سوين ڳوٺاڻن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو
ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن عظيم جعفري محمد امين جعفري محمد جمن جعفري سميت ٻين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته گذريل سال کان وٺي ڳوٺ جو مين پل ڪري پوڻ ڪري سڄو ملبو شاخ ۾ ھئڻ ڪري پاڻي کي رڪاوٽ پيش اچڻ ڪري شاخ جي ٻنھي پاسن جا ڪپر ڪمزور ٿي چڪا آھن
جنھن ڪري پاڻي تيزي سان ڪپرن کي کائي رھيو جنھن ڪري پاڻي ڳوٺن سميت فصلن کي به ٻوڙي تباھ ڪندو ھنن چيو ته صبح کان وٺي ايريگيشن عملي سميت ڊي سي ڪشمور کي به اطلاع ڏنو پر ڪنھن به توجھ نه ڏنو آھي
اسين پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا پر پاڻي جا وھڪرا تيز ھئڻ ڪري ڏاڍي ڏکيائي پيش اچي پئي ڳوٺاڻن سنڌ جي اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جلد نوٽيس وٺي ڪپر مضبوط ڪرائي تباھي کان بچايو وڃي.
جُولاءِ 23, 2023