”چونڊن ۾ فائدي لاءِ ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايڊيشنل ڪمشنرن کي نوازيو ويو آهي“

Spread the love

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) عوام لاءِ بجلي بلن ۾ اضافو، ڪامورن جي عياشين لاءِ اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو فيصلو، جيڪو ملڪ ڏيوالو ٿيڻ کان مشڪل سان بچيو آهي، اڃان تائين عوام کي ڪو رليف نه مليو آهي، ان ملڪ جي ڪامورن جون عياشيون گهٽ ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن، جيڪا هن ملڪ جي عوام جي وڏي بدقسمتي آهي.

نامياري صحافي انصار عباسي جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ڪنهن فيصلي کي بنياد بڻائي روينيو ملازمن ۽ ڪامورن جي پينشن ۾ اضافي جو حڪم ڏنو آهي، ڪامورن جي پينشن ۾ اٽڪل ٽيڻ  تي اضافو ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ڪمشنرن ۽ ايڊيشنل ڪمشنرن لاءِ نيون گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ 3 ارب 25 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا آهن.

ساڳي طرح سينيٽ  ملازمن کي به 3 اضافي بونس ڏيڻ جو به اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن عدالتي ملازمن کي 2 کان 3 اضافي بونس ڏنا ويندا آهن. جڏهن ته انهن ملازمن جون اڳ ئي ٻين کاتن جي ملازمن کان پگهارون وڌيڪ آهن.

موجوده حڪمرانن جيڪي پرڏيهي دورا ڪيا آهن انهن تي به اربين رپيا خرچ ڪيا ويا آهن. سينيٽ ملازمن کي بونس ڏنو ويندو ته لازمي آهي ته قومي اسيمبلي جي ملازمن کي به ساڳي طرح بونس ڏنو ويندو.صحافي جو چوڻ آهي، اهڙا فيصلا عوام جي ٽئڪس مان گڏ ٿيندڙ رقم تي ڌاڙو آهي ته ٻئي طرف ملڪ کي معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي.

ايڊيشنل اٽارني جنرل جو چوڻ آهي ته ملازمن جي پينشن ۾ اضافي واري عدالتي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ويندو. ياد رهي ته ان کان اڳ حڪومت ” ڪفايت شعاري ڪميٽي“ جوڙي هئي جنهن سفارشون مرتب ڪري ڏنيون جنهن ۾ سرڪاري ڪامورن، جنرلن، ججن ۽ رٽائرڊ آفيسرن جون مراعتون گهٽائڻ  جي تجويز ڏني ان تي ته عمل نه ٿيو پر انهن تجويزن جي ابتڙ ڪامورن کي نوازڻ جا فيصلا ٿي رهيا آهن.

اها هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي آهي، سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، اسسٽنٽ ۽ ايڊيشنل ڪمشنرن کي ڇاڪاڻ ته چونڊن ۾ ڊيوٽي ڪرڻي آهي. ان ڪري انهن کي اڳ ئي نوازيو پيو وڃي جيئن چونڊ نتيجن ۾ فائدو حاصل ڪيو وڃي.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو