پي سي بي چيئرمين جي چونڊ وارو مامرو، عدالت مان اهم خبر اچي وئي

Spread the love

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهورر هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بئنچ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي کي پندرنهن ڏينهن اندر بورڊ آف گورنرز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري پي سي بي چيئرمين جي چونڊ هڪ هفتي ۾ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن پي سي بي بورڊ آف گورنرز خلاف داخل درخواست تي لاهورهاءِ ڪورٽ بئنچ جي جسٽس شاهد جيل خان فيصلو جاري ڪندي چيو ته هاڻوڪي مئنيجمينٽ ڪميٽي معاملا هلائڻ ۽ ٽاسڪ پورا ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، تنهنڪري گورنرز نوٽيفاءِ ڪرڻ کانپوءِ ستن ڏينهن اندر پي سي بي چيئرمين جي چونڊ ڪرائي وڃي.

پي سي بي بورڊ آف گورنرز خلاف درخواست راولپنڊي ڪرڪيٽ ايوسييئيشن جي صدر نويد عباسي طرفان داخل ڪئي وئي هئي.

نويد عباسي پنهنجي وڪيل  سعيد يوسف خان سان گڏ عدالت پيش ٿيو، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هوته بورڊ آف گورنرز ۾ قائداعظم ٽرافي جي ٽاپ چئن ٽيمن کي شامل ڪيو ويندو آهي پر ائين ناهي ڪيو ويو.

پي سي بي جي وڪيل امتيار علي صديقي عدالت کي ٻڌايو ته وفاقي سرڪار طرفان ٻاويهه جون تي نئون بورڊ آف گورنر جوڙو ويو هو.

عدالت جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي سرڪار کي مئنيجمنيٽ ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ۽ صورت تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي، پنج جولاءِ 2023ع تي ٻي مئنيجمنيٽ ڪميٽي جي مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن ڪنهن به ريت غير قانوني ناهي.

عدالت درخواست اڪلائيندي فيصلو جاري ڪيو ته مئنيجمينٽ ڪميٽي بورڊ آف گورنرز کي پندرنهن ڏينهن ۾ نوٽيفاءِ ڪري ست ڏينهن اندر چيئرمين پي سي بي جي چونڊ ڪرائي.

عدالت وڌيڪ چيوته سياسي مداخلت سبب مُلڪ ۾ راندين جي ڍانچي کي نقصان پهچي رهيو آهي.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو