وڳڻ لڳ امام بارگاھ دربتول ۾ محرم الحرام جي حوالي سان مجلس عزا برپا
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو ) وڳڻ لڳ ڳوٺ عالم خان مغيري ۾ امام بارگاھ دربتول ۾ محرم الحرام جي حوالي سان سالياني مجلس عزا 4 محرم الحرام جو پروگرام باني زوار بھار علي مغيري منعقد ڪرايو جنھن ۾ـ علائقي واسين ڳوٺاڻن ۽ عقيدتمندن مؤمنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ھن مجلس عزا ۾ مختلف ڳوٺن ٿرڙي ھاشم ـ ياروديرو ـ لاڙڪاڻو ـ ڏاتو تيوڻا – پکو – گھوگھارو – ٿرڙي ھاشم ـ خيرو خان ـ ماھي دربان ـ چؤديرو ۽ ٻين ڳوڏن شھرن مان عزادارن گڏ ٿي عزاداري ڪئي ۽ زنجير زني پڻ ڪئي وئي سبيل امام حسين عليه السلام ۽ نياز لنگر جو خاص اھتمام ڪيو ويو جڏهن ته شيعا علما۽ ڪاؤنسل جي صوبائي اڳواڻ سيد رياض حسين شاھ ـ سيد عمران علي شاھ – وڳڻ يونٽ جو جنرل سيڪريٽري غلام اڪبر جتوئي – ممتاز علي ڀنڊ – نياز حسين تنيو – زاھد حسين جتوئي – وزير علي پنھور – لاھوتي رحم علي چانڊيو پڻ شرڪت ڪئي ھن مجلس عزا کي خطاب ڪندي علامه سيد قمر عباس نقوي ـ ذاڪر راحب علي سمون ـ علامه مشتاق حسين مشھدي ـ ذاڪر اھلبيت شاھد حسين ابڙو – ذاڪر حبدار علي گوپانگ – مولوي عزيز الله مغيري ۽ ٻين چيو ته ڪربلا جي شھيدن جي لازوال قربانين اسلام کي بچايو آهي ۽ امامن اها قرباني ڏني ۽ پنهنجا معصوم کير پياڪ ٻچڙا به قربان ڪري ڇڏيا آھن انھن شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء پوري دنيا ۾ سلام ياحسين جون صدائون بلند آهن ۽ پوري دنيا ۾ غم امام حسين عليه السلام ملھايو پيو وڃي ھن مجلس م موجود سوين عزادارن مؤمنن سينا زني ڪئي ۽ آخر ۾ اهل اسلام لا۽ دعا گهري وئي جڏهن ته سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا.
جُولاءِ 23, 2023