نوشهروفيروز: خدابخش ڪلهوڙو واسي پاران  زمين تي قبضو ڪندڙ خلاف احتجاج

Spread the love

نوشهروفيروز ( ڊ ر) نوشهروفيروز ڳوٺ خدابخش ڪلهوڙو جي رهواسي اي ايس آء عبدالنبي عباسي پريس ڪلب نوشهروفيروز پهچي احتجاج ڪندي دانهيو آهي ته زمين تي قبضو ڪندڙ ٽولو هاڻي منهنجي خلاف ڪوڙيون درخواستون ڪري پريشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪا وڏي زيادتي آهي

 هن چيو ته  ديھ مچر جي سروي نمبر 569 ۾ وسطڙا برادري کان زمين خريد ڪيل آهي ان تي تڳر برادري جي ڪجهه قبضا خورن پاران قبضو ڪيو ويو آهي جنهن جو ڪيس نوشهروفيروز جي عدالت سڳوري ۾ هلي رهيو آهي

 ان تان هٿ کڻائڻ لاء قربان تڳر , ڌڻي بخش تڳر , محرم تڳر واران ڪوڙيون درخواستون اعلا عملدارن کي ڪري پريشر ڪري رهيا آهن هن چيو ته مان شريف ماڻهو آهي سڄي عمر شرافت سان ڊيوٽي نڀائي آهي

مونتي نوڪريء لاء پئسا وٺڻ وارو الزام ڪوڙو ۽ بي بنياد آهي هن آء سنڌ پوليس , ڊي آء جي پي شهيد بينظير آباد ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز کي اپيل ڪئي ته معامري جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري منهنجي زمين تان قبضو ختم ڪرائي ڪوڙيون ڪمپلينون ڪندڙ جوابدارن خلاف قدم کنيو وڃي

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو