نواز شريف عام چونڊن کانپوءِ وطن ورندو؟
لاهور (عوامي آواز نيوز) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف عام چونڊن کانپوءِ وطن ورندو، نامياري صحافي گوهر بٽ جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ وزيراعظم شهباز شريف جي ڪارڪردگي مان گهڻو مطمئن آهي.
ان ڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ شهباز شريف ۾ مثالي هم آهنگي آهي، ان ڪري طاقتور حلقن نواز شريف کي صلاح ڏني آهي.ته عمران خان جي دور ۾ معاملا تمام گهڻا خراب ٿي چڪا آهن، گهڻا معاملا ٺيڪ ڪيا ويا آهن پر اڃان ڪافي صفائي ڪرڻي آهي.
عمران پراجيڪٽ جي تڏا ويڙهه ٿي رهي آهي. ان ڪري چونڊن ۾ نواز شريف بنا به (ن) ليگ جي ڪاميابيءَ جا امڪان آهن ڇو ته مقابلي ۾ في الحال ڪابه مضبوط پارٽي نه رهي آهي. رڳو انتظامي معاملا نه آهن پر طالبان دهشتگرد به سرگرم ٿي ويا آهن. جن جو خاتمو به ضروري آهي.
ان ڪري نواز شريف کي ايندڙ چونڊن بعد وطن ورڻ جي صلاح ڏني وئي آهي. نواز شريف ان صلاح تي عمل ڪري ٿو يا هو سيپٽمبر ۾ وطن اچي ٿو ان بابت ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿيندي.
اسٽيبلشمينٽ سڌي طرح ته نه پر پارٽي جي سينيئر اڳواڻن ذريعي پيغام اماڻيو هوندو جنهن جو اشارو اياز صادق ڏنو آهي ته ميان نواز شريف وطن ورڻ جو فيصلو سوچي سمجهي ڪندو. ان معاملي جي واضح انداز ۾ نه ترديد ٿي آهي نه تصديق ٿي سگهي آهي ڇو ته معاملو حساس آهي، ان ڪري ڪو به اصل ڄاڻ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي.
جُولاءِ 23, 2023