مورو: مومنن جي اڳواڻي ۾ مجلس ۽ ماتم جا پروگرام تشڪيل ڏنا ويا

Spread the love

مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) شهيد ڪربلا امام حسين عليه اسلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ ڇوٿين محرم الحرام تي مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ انجمن حسيني جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾  زير انتظام سيد سجاد حيدر شاھ، سيد ڪاظم علي شاه سيد بابر علي شاھ،ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، ڪاشف علي ٻرڙو، شير علي ساٽي سيد گلڻ شاھ  ۽ ٻين مومنين جي اڳواڻي م مجلس ۽ ماتم جا پروگرام تشڪيل ڏنا ويا آھن

 جنهن مطابق مرڪزي امام بارگاه حسيني مورو ۾ رات دير سان مجلس عزا برپا ڪئي وئي جنهن کي علامه سائين بخش مناظري علامه ارباب علي مشھدي ذاڪر اهلبيت ضمير حسين شيخ آيل شيعا مومنين کي فضائل ۽ مصائب بيان ڪيا مصائب دوران هزارين شيعا مومنين زار و قطار روئيندي ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏنو بعد ۾ نوحه خواني ڪئي وئي

 جنهن ۾ مقامي نوخه خوان اڪبر ڀٽ ۽ سيد گروپ جي نوحه خوانن سيد سجاد علي شاه سيد ڪاظم علي شاه ۽ ٻين نوحه خواني ڪئي جنهن تي مومنين سينا زني جو زوردار ماتم ڪيو بعد ۾ زيارت پڙھائڻ کان پوء مومنين ۾ نياز تقسيم ڪيو ويو.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو