مورو: مرڪزي امام بارگاه ۾ مجلس عزا برپا ڪئي وئي

Spread the love

مورو (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) انجمن حسيني مورو جي اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاه سميت مورو شھر جي مختلف هنڌن تي مجلسن جا پروگرام تشڪيل ڏنا ويا آھن ان سلسلي ۾ اڄ 3 محرم الحرام جي رات جو مرڪزي امام بارگاه مورو ۾ مجلس عزا برپاء ڪئي وئي

 جنهن کي شيعا عالم علامه سائين بخش مناظري ۽ علامه ارباب علي مشھدي آيل شيعا مومنين کي مجلس دوران امام حسين اعلي١ مقام جا فضائل ۽ مصائب بيان ڪيا مصائب پڙھڻ دوران شيعا مومنين روئندي ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏيندا رهيا

جڏهن ته انجمن حسيني مورو  جي اڳواڻن جي اڳواڻي نوحه خواني ڪئي وئي جتي زوردار ماتم برپاء ڪيو ويو بعد ۾ دعا ۽ زيارت پڙھڻ بعد آيل شيعا مومنين ۾ لنگر نياز تقسيم ڪيو ويو

 جڏهن ته ڊي ايس پي مورو يار محمد رند جي اڳواڻي ۾ مورو پوليس جي آفيسرن ۽ وڏي نفري ساڻ ڪري مرڪزي امام بارگاه پهتو جتي بيٺل پوليس نفري کي سخت هدايتون ڏيندي کين چوڪس رهڻ جو حڪم ڏنو .

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو