ملڪ شديد مالي بحران جو شڪار هجڻ باوجود اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايڊيشنل ڪمشنرن کي نيون گاڏيون ڏيڻ جو فيصلو
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت پنهنجي سڀني اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايڊيشنل ڪمشنرن کي نيون گاڏيون خريدي ڏيڻ لاءِ 3.2 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
هڪ پاسي ملڪ سخت مالي بحران جو شڪار آهي ته ٻئي پاسي وري لاهور جي ناڻي کاتي اسسٽنٽ ڪمشنرن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ايڊيشنل ڪمشنرن جي استعمال لاءِ نين گاڏين جي خريداري جي مد ۾ 3 ارب 20 ڪروڙ رپين جي منظوري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
20 جولاءِ تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هر تعلقي جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي نئين فور باءِ فور ڊبل ڪيبن مينوئل ٽرانسميشن گاڏي فراهم ڪئي ويندي، هر ضلعي جي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن (جنرل) کي نئين 13 سئو سي سي گاڏي فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته هر ڊويزن جي ايڊيشنل ڪمشنرن کي 16 سئو سي سي ڪار ڏني ويندي.
جُولاءِ 23, 2023