ملير: مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ غيرقانوني ۽ نقلي کاتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

Spread the love

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ غيرقانوني ۽ نقلي کاتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو ، 25 ايڪڙ زمين جو کاتو تبديل ، سرڪاري زمين 25 سالن لاء ليز تي ڏنل امان جوکيو کي زمين ڏني وئي هئي ،

اربين روپين جي زمين جو کاتو تبديل ڪرڻ تي مراد ميمڻ ڳوٺ  اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار ۽ سپروائزنگ تپيدار کي نوٽس جاري ذريعا تفصيل موجب ملير جي  مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ غيرقانوني ۽ نقلي کاتن جو سلسلو رڪجي نه سگهيو آھي  25 ايڪڙ زمين جو کاتو تبديل ، سرڪاري زمين 25 سالن لاء ليز تي ڏنل امان جوکيو کي زمين ڏني وئي هئي ،

اربين روپين جي زمين جو کاتو تبديل ڪرڻ تي مراد ميمڻ ڳوٺ  اسسٽنٽ ڪمشنر مختيارڪار ۽سپروائزنگ تپيدار کي نوٽس جاري ڪيا ويا آھن ان سلسلي ۾ ذريعن موجب اسٽنٽ ڪمشنر اعجاز هاليپوٽو ۽ مختيارڪار اسلم شر جو هڪ ٻيو ڪارنامون سامهون اچي ويو

 ديھ بازار ۾ موجود 25 ايڪڙ ايراضي جي کاتي کي غيرقانوني طور منظورخان ولد زمان خان جي حق ۾ تبديل ڪيو ويوجانچ آفيسر منظور خان کي طلب ڪري ورتواينٽي ڪرپشن جي اعلي سطح تي جانچ شروع ڪري ڇڏي اسسٽنٽ مختيارڪار اعجاز هالپوٽو مختيارڪار اسلم شر ۽ سپروائزنگ تپيدار کي بيانن لاء طلب ڪيو آھي

 اينٽي ڪرپشن گوجر خان جي رهواسي سجاد احمد ،صالح محمد ڳوٺ ملير جي رهواسي عبدالستار ۽ ڀٽائي ڪالوني ڪورنگي ڪراسنگ جي رهواسي منظورخان کي طلب ڪري ورتو مراد ميمڻ ڳوٺ ۾ زمينن تي ولار نقلي کاتن جو ڪاروبار عروج تي آھي

 بااثر اوطاقن ۾ ويجهو ڪامورن سان گڏجي کاتا تبديل ڪن ٿا ڪروڙين روپيا ڪمائين ٿا جنهن خلاف مڪمل جاچ ڪرائي وڃي.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو