سکر ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين ماتمي جلوس جي روٽ جو دورو ڪيو

Spread the love

سکر ( رپورٽ:امداد علي گل ڪلوڙ) سکر ۾ ضلعي ڪائونسل چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻيا آفيسر سيد نصرت حسين شاھ موسوي سان گڏ اڄ 5 محرم الحرام تي پراڻي سکر مان نڪرندڙ ساڍا 3 سئو سال پراڻو تاريخي مسيت واري ماتمي جلوس جي روٽ جو دورو ڪيو.

 تفصيل موجب. چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه. ڊپٽي ميئر ارشد مغل. ايس ايس پي سکر ۽ ٻين آفيسرن پراڻي سکر مان قديمي ۽ تاريخي مسيت واري ماتمي جلوس جي منتظمين سيد نصرت حسين شاھ موسوي. سيد اعتزاز حسين شاھ موسوي ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي ۽ ماتمي جلوس جي گذرگاهن جو دورو ڪيو،

جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ ميونسپل ڪمشنر کي ماتمي جلوس جي گذرگاهن تي ڪيل انتظامن جا کيس تفصيل ڏنا، ان موقعي تي چيئرمين ضلعي ڪائونسل سکر سيد ڪميل حيدر شاهه ۽ ٻين سمورن تاريخي جلوسن جي سڪيورٽي بهتر بڻائڻ جون هدايتون پڻ ڪيون.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو