سيوھڻ شريف ۾ به لبيڪ ياحسين جون صدائون بلند، جلوس برآمد
سيوھڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سڄي ملڪ جيان سيوھڻ شريف ۾ به لبيڪ ياحسين جون صدائون بلند ٿي ويون، مختلف جڳھين تان ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جلوس برآمد ڪيا ويا.
سيوھڻ شريف تفصيل موجب ڪربلا جي شھيد حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندن جانثار شھيدن جي ياد ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ وارو سلسلو جاري آھي ان سلسلي ۾ 3 محرم الحرام واري رات جي وقت 2جلوس برآمد ڪيا ويا،
پھريون جلوس لڪياري ساداتن جي پڙ تان منير شيخ ۽ شيخ برادري جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو، ۽ ٻيو مرڪزي پينگي جو جلوس سبزواري ساداتن جي پڙ تان ڊاڪٽر سيد مھدي رضا شاھ سبزواري ۽ سبزواري ساداتن جي اڳواڻي ۾ برآمد ڪيو ويو
جنهن ۾ عزادارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جلوس پنھنجي روايتي روٽ مطابق مختلف رستن تان ٿيندو درگاھ حضرت لعل شھباز قلندر جي مزار جي قديمي وڏي علم پاڪ جي صحن تي پھتو جتي عزادارن عزاداري ۽ گول پٽ جو ماتم پڻ ڪيو ويو،
جلوس جي گذر گاھ جي رستن تي سڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا، ۽ صفائي جو پڻ بندوبست ٿيل ھئو ۽ عزادارن جي لاء لنگر نياز ٿڌو پاڻي ۽ شربت سبيلون پڻ لڳايون ويون ھيون جلوس ساڳيء رستي تان واپس ٿيندي پنھنجي جاء تي نھر ٿيو .
جُولاءِ 23, 2023