سيوھڻ: جوبدارن جي گرفتاري لاءِ انڊس ھاءِ وي تي احتجاج، روڊ بلاڪ، ڌرڻو هنيو ويو
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوھڻ جي نوجوان صحافي ۽ سوشل ورڪر صفدر ھاليپوٽو جي ڪيس ۾ ملوث مک جوابدار ۽ ٻين جوبدارن جي گرفتاري لاءِ هاليپوٽو برادري ، صحافي برادري ۽ سياسي سماجي ورڪرن ۽ سيوھڻ شھر جي رھواسين ۽ ھاليپوٽو برادري جي سردار نور نبي هاليپوٽو ،
ايڊووڪيٽ بابر علي هاليپوٽو جي اڳواڻيء ۾ لال باغ جي ڀرسان انڊس ھاء وي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي انڊس هاء وي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، جتي ڄامشورو ، حيدرآباد لاڙڪاڻو ڪراچي سيوهڻ جون ايندڙ ويندڙ گاڏيون ٻنهي طرفن کان بيهجي ويون ،
مسلسل 3 ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهيو ، ٽي ڪلاڪ گذري وڃڻ کانپوء ايس ايس پي SSP ڄامشورو جي حڪم هيٺ اي ايس پي ASP سيوهڻ ، ايس ايڇ او SHO سيوھڻ زاھد حسين جھتيال ۽ ون فائيو 15 انچارج سيوهڻ منظور حسين دل ڌرڻي واري جاء تي پهچي ڌرڻي ھڻندڙ سردار نورنبي ھاليپوٽو سان ڳالھيون ڪري چيو ت اسان کي اوھان جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاء 3 ڏينهن جي مهلت ڏيو
۽ اسان انھن ٽن ڏينھن ۾ جوابدار گرفتار ڪنداسين، جنهن تي ڌرڻو ھڻندڙ اي ايس پي سيوھڻ جي يقين ڏيارڻ تي مظاهرين پاران ڌرڻو ختم ڪري انڊس ھاء وي روڊ کي ٽريفڪ جي لاء کوليو ڇڏيو.
جُولاءِ 23, 2023