دادو : مجيب الحق پاران تعزيتون، ڊاڪٽر شيراز ڏاوڇ سان تعزيت ڪئي
دادو (رپورٽ : سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق پاران تعزيتون دادو غريب آباد اڳوڻي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر زاهد حسين ڏاوڇ جي امڙ جي انتقال تي ڊاڪٽر زاهد ڏاوڇ ۽ ڊاڪٽر شيراز ڏاوڇ سان تعزيت ڪئي،
هوڏانهن مزدور آباد پهچي امير علي لنڊ جي وفات تي سندس وارثن نصير احمد لنڊ، امتياز لنڊ، زبير لنڊ، ياسر لنڊ، عبدالرشيد، محمد حيات لنڊ سان تعزيت ڪئي،
جڏھن ته پير مجيب الحق ڀٽي ڪالوني ۾ رياض حسين ڀٽي جي انتقال تي چاچا امام بخش ڀٽي ۽ ٻين سان تعزيت ڪري دعا مغفرت گهري فوتين جي وارثن سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڏک جي هن گهڙي ۾ برابر جا شريڪ آهيون،
ان موقعي تي اسٽاف آفيسر امداد حسين ڏاوڇ، فوڪل پرسن شھمير چهواڻ، وڪيل ڪوڙا خان ميمڻ، مبين مستوئي، پيرعامر، محمد اسلم چهواڻ، طاهر حسين لغاري ۽ ٻيا پارٽي ورڪر سپوٽر موجود هئا.
جُولاءِ 23, 2023