دادو : ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي جج جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گھر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري،ام رباب چانڊيو ڪيس جي فريادي پرويز چانڊيو سان گڏ عدالت پهتي، جڏهن ته ڪيس ۾ نامزد جوابدار ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برھان خان چانڊيو بہ عدالت ۾ پيش ٿيا،
۽ ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن علي گوھر،مرتضيٰ سڪندر،ذولفقار چانڊيو،ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ تي عدالت پاران ڪيس جي ٻڌڻي 4 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،
عدالت ٻاهريان ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ عدالت ۾ شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻا هئا پر جوابدارن جا سينئر وڪيل پيش نه ٿيڻ ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ٿي آهي،ڄاڻي واڻي دير جا حربا استعمال ڪيا پيا وڃن ته جئين شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ٿي سگهن پر عدالت 4 ۽ 5 آگسٽ تي ٻه ڏينهن ٻڌڻي رکي آهي،
ايترو دٻاءُ اسان تي ڪڏهن به ناهي پيو جيترو دٻاءُ هاڻي پئجي رهيو آهي ته اسان ڪيس تان هٿ کڻي وڃون،اهڙي صورتحال ۾ خبر ناهي ته اسان گهر تائين پهچنداسين يا نه،هڪ پل جي به خبر ناهي پر اسان ڪنهن به صورتحال ۾ هٿ نه کڻنداسين هي جيڪي پاڻ کي زميني خدا سمجهن ٿا انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اسان سندن آڏو نه جهڪنداسين،اسان عدالت ۾ انصاف جي اميد کڻي اچون ٿا،اها اميد ٽٽڻ نه گهرجي،
ڪيس اڪلائي انصاف ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايم پي اي سردار خان چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪو به دٻاءُ اسان جي طرفان ناهي،اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ٿيل آھي، اسين به عدالتن تي يقين رکون ٿا انصاف ٿيندو، جڏهن ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا.
جُولاءِ 23, 2023