دادو : بئريسٽر پيرمجيب الحق جي درگاهه مخدوم بلاول تي حاضري، تعزيتون ڪيون

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق جي درگاهه مخدوم بلاول تي حاضري تعزيتون، پ پ ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق نماز شھيد مخدوم بلاول جامع مسجد ۾ ادا ڪرڻ بعد شھيد مخدوم بلاول جي مزار تي  پهچي  ملڪي سلامتي جي لاء دعا گهري سجاده نشين سان ملاقات ڪئي،

هوڏانهن پير مجيب الحق موندر پهچي محمد عالم شاهاڻي جي وفات تي سندس وارثن  غلام مصطفي شاهاڻي، محمد بخش شاهاڻي سان  تعزيت ڪئي، جڏھن ته پير مجيب الحق ڳورڙ  ھائوس راڌڻ پهچي جنرل سيڪريٽري پيپلزپارٽي ضلع دادو غلام دستگير ڳورڙ سان سندس والد صاحب جي وفات تي تعزيت ڪئي.

ان موقعي تي اڳوڻو ايڊمنسٽريٽر، اسٽاف آفيسر امداد حسين ڏاوڇ،جاويد سولنگي، پيرعامر محمد اسلم چهواڻ ورڪر طاهر حسين لغاري ۽ ٻيا پارٽي ورڪر سپوٽر موجود هئا.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو