تعلقي صدر جي پاليسي سبب پارٽي عهديدار الوداع ڪندا ٿا وڃن: اعجاز علي

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽر) پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جو صدر اعجاز علي لنڊ نيشنل پريس ڪلب پهچي پريس  ڪانفرنس ڪندي چيو ته پارٽي جي تنظيم سازي جاري آهي

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي پارٽي جو تعلقه صدر اميرطارق حسين ڪٻر جي پاليسي سمجهه کان ٻاهر آهي هن چيو ته تعلقه صدر جي پاليسي جي ڪري اسان جا عهديدار پارٽي کي الوداع ڪندا ٿا وڃن ۔

ٽن سالن ۾ ڪابه ميمبرن ۔ عهديدارن ۽ ڪارڪن جي ڪا به ميٽنگ نه ڪوٺائي وئي ۔ ۽ نه ئي انهن کان ڏک سور  پڇيا ويا آهن ھٿرادو باڊي چونڊي سڀ پنهنجا نوازي تي عھدا ورھايا ويا اڄ تائين اسان کان ڪا به صلاح نه ورتي وئي مونکي ٽائون ڪاميٽي سيٺارجا جو صدر چونڊيو ويو

 پر ھن مھل تائين مونکان ڪا به صلاح نه ورتي وئي جيڪڏھن صلاح ڏنوسون ته ان تي عمل نه ٿيو ھوندو. تازو سيٺارجا جي چيئرمين جي سيٽ ۽ وائيس چيئرمين جي سيٽ ۽ رزرو سيٽ جي اميدوارن جا نالا به بند ڪمري ۾ ڏنا ويا. جن جي اسان کي ڪا خبر ڪان ھئي.

تازو ئي سٽي سيٺارجا تي ھڪ عھديدار مقرر ڪيو ويو جنهن جي به مونکي بيحيثيت ٽائون صدر جي نه ٻڌايو ويو. ھي پنهنجي منهن سان بند ڪمرن ۾ فيصلا ڪرڻ لڳا آھن جنھن کي ڪري پارٽي کي گھڻو نقصان پھتو آھي

 هن چيو ته مان پير سيد صبغت الله شاھ راشدي (پير پاڳارو) مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر پير سيد صدرالدين شاھ راشدي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سردار عبدالرحيم, سنڌ جي نائب صدر ايم پي اي سيد راشد شاھ راشدي, سيد اسماعيل شاھ راشدي کي گذارش ڪندس ته فوري طور تي نوٽيس وٺي هن تعلقه صدر کي هٽائي نئون با ڪردار با اخلاق صدر مقرر ڪيو وڃي ۔

جيڪو عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلائڻ جي صلاحيت رکي اهو صدر مقرر ڪيو وڃي ۽ اسان ڪارڪن جي مايوسي ختم ڪئي وڃي هن چيو ته فلحال مان پنهنجي عهدي تان دستبردار ٿيان ٿو ۔

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو