بجلي مهانگي ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) بجلي مهانگي ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهرين ڀٽو ٽوئيٽر تي لکيو آهي ته عوام لاءِ بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ کان اڳ سموري مفت بجلي جي فراهمي بند ڪئي وڃي ۽ سڀ کان پهريان اتان کان بجلي جا بل ڪليئر ڪيا وڃن. منهنجي حڪومت کي گذارش آهي ته هن وقت عوام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، مٿن وڌيڪ بار نه وڌو وڃي. عوام کي رليف ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي.
صارف ايم عدنان لکيو ته جيڪڏهن توهان وڌائڻ چاهيو ٿا ته 300 يونٽن کان مٿي وارن تي ڪريو، توهان غريب عوام کي سزا ڇو ڏئي رهيا آهيو؟ڀٽه اشرف لکيو ته بيوروڪريسي، ججن ۽ جرنيلن کي نوازيو پيو وڃي.
انابيه انصاري لکيو ته ميان صاحب! جيڪڏهن توهان کي ملڪ بچائڻ کان ڪجهه فرصت ملي آهيته پوءِ ماڻهن کي به بچايو.
نيلم لکيو ته ججن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي جو ٻه هزار يونٽ بجلي مفت ڏني پئي وڃي اها سهولت واپس ورتي وڃي.
راحيل انصاري لکيو ته بجلي جا 80 هزار رپين تائين پهچي ويا، حڪمرانو ڪجهه خدا کان ڊڄڻ گهرجي.توهان ماڻهن جون عياشيون ۽ سرڪاري آفيسرن جي لالچ ۽ انهن جي ڪرپشن توهان سان ختم نه ٿيندي آهي ۽ ماڻهو جلوس ڪڍي رهيا آهن.
جُولاءِ 23, 2023