لاڙڪاڻو:  ڊي جي پبلڪ رليشنز سوائي خان ڇلگري پاران پريس ڪلب جو دورو

Spread the love

لاڙڪاڻو  )بيوروچيف: عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻو  ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز سنڌ سوائي خان ڇلگري لاڙڪاڻو پريس ڪلب جو دورو ڪيو

جتي صدر پريس ڪلب مرتضيٰ ڪلهوڙو ۽ جنرل سيڪريٽري نويد لاڙڪ سندس استقبال ڪيو  ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل ڳالهائيندي چيو ته انفارميشن کاتو حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ته جيئن عوام کي حڪومت پاران  سندن جي ڀلائي لاءِ کنيل قدمن بابت صحيح نموني آگاهي ملي سگهي.

 هن چيو ته صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ جي حڪم تي صحافين کي هيلٿ ڪارڊ ڏنا ويندا ۽ انهن کي پريس ڪلب جي لاءِ فنڊنگ ڪئي پئي وڃي ته جيئن صحافي پنهنجيون ذميواريون بغير ڪنهن تڪليف جي سرانجام ڏئي سگهن.

 ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ رليشنز پاران پريس ڪلب لاڙڪاڻي جي نئين چوڊجي آيل باڊي کي مبارڪباد ڏني جنهن بعد هن پريس ڪلب ۾ لائبرري ۽ ٻين مختلف شعبن جو دورو پڻ ڪيو ۽ سندن جي ڪارڪردگي جي ساراهه پڻ ڪئي ان موقعي تي سينيئر صحافي ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، طارق دراني، عبدالقادر جاگيراڻي، نديم سومرو ۽ ٻيا صحافي موجود هئا

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو