دادو: احتجاجي مظاهرن جي ڪاميابي، موئن جو دڙو ايڪسپريس سروس شروع

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) 2022 واري ٻوڏ اچڻ کان پوءِ 11 مهينن تائين دادو، لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي تائين ريلوي ٽريڪ بند پيل هو، اهو سيتا سرجڻهار فورم جي اڳواڻ مشهور ميمڻ پاران مسلسل 6 مهينن کان سندس ڪيل احتجاجي مظاهرن رنگ لاتو دادو، لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي ريلوي ٽريڪ بحال ٿي ويو ،

روهڙي کان ڪوٽڙي تائين موئن جو دڙو ايڪسپريس 213 شروع ٿي جيڪا سيتا، دادو، ڀان سیدآباد، سيوهڻ پهتي ۽ ڪوٽڙي لاءِ رواني ٿي ويئي، بائي روڊ مسافر گاڏين ۽ هن پرائيويٽ ايس جميل ڪمپني جي ٺيڪي تي هلندڙ ريل گاڏين جي ٽيڪيٽ برابر آھن،

ياد رهي ته لاڙڪاڻو، دادو، ڪوٽڙي  ٽريڪ تي 11 مهينن کان بند پيل موئن جو دڙو ايڪسپريس بحال ٿيڻ جي خوشي ۾سيتاروڊ جي عوام پاران سيتاسرجڻهار فورم اڳواڻ مشهور ميمڻ جي ڪوشش جي رنگ لائڻ تي شهري عوام سندس استقبال ڪري پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو، سندس جدوجهد ريلوي ٽريڪ بحال ٿيڻ تي عوام ۾ خوشي جي لهر برقرار ٿي وئي.

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو