ڪراچي : شاهراهه يونيورسٽي روڊ عوام لاءِ عذاب بڻيل، شھري پريشان

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناء ﷲ هڪڙو ) ڪراچي جي اهم شاهراهه يونيورسٽي روڊ عوام لاءِ عذاب بڻجي ويو آهي. تفصيل: ڪراچي شهر جي اهم ترين شاهراهه يونيورسٽي روڊ شهرين کي سخت پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.

يونيورسٽي روڊ ڪراچي تي ماس ٽرانزٽ منصوبي تحت ميٽرو بس سروس روٽ جي تعمير جو ڪم ڪافي عرصي کان جاري آهي ۽ اهو ڪم ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي دور ۾ شروع ٿيو هو جيڪو اڃا تائين جاري آهي.انتهائي اهم روڊ ناقص حڪمت عملي تحت عوام جي زندگين کي عذاب ۾ وجهي رهيو آهي.

 منصوبي تي ڪم روڊ جي وچ ۾ هلندڙ آهي جنهن ڪري ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي.روڊ جي وچ ۾ رکيل بيريون به بي ترتيب رکڻ سبب حادثن جو سبب بڻجي رهيون آهن جڏهن ته متبادل طور سروس روڊن کي خالي ڪري وسيع عوامي رستو فراهم ڪيو وڃي.

ترقياتي ڪم سخت سستي جو شڪار آهن. روڊن تي مختلف هنڌن تي رڪاوٽن سبب ٽريفڪ جي سست آمدورفت رات جي وقت ڦرلٽ کي آسان بڻائي رهي آهي ۽ روزاني جي بنياد تي اسٽريٽ ڪرائم جون خبرون اچي رهيون آهن.

شهر ۽ صوبائي حڪومت اليڪشن کي نظر ۾ رکندي سڄي شهر جي روڊن تي تعميراتي ڪمن جو ڄار وڇايو آهي، پر اُهو ناسور بڻجي ويو آهي. حڪومت کي گهرجي ته ڪم جلد مڪمل ڪري عوام جي زندگي آسان بڻائي.

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو