ڏوڪري: جمعيت علماءِ اسلام طرفان سوئيڊن جي حڪومت خلاف مظاهرو

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) جمعيت علماء اسلام تعلقي ڏوڪري طرفان سوئيڊن جي حڪومت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جمعيت علماء اسلام تعلقي ڏوڪري جي امير حافظ محمد عثمان جهتيال، جنرل سيڪريٽري مفتي نصير احمد ڀٽو جي اڳواڻي ۾ جامع محمديه مدرسي کان حيدر چوڪ ڏوڪري تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

 ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سوئيڊن ۾ ھڪ دفعو ٻيھر قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري سڄي دنيا جي مسلمانن جي دل آزاري ڪئي وئي آهي اڳواڻن وڌيڪ خطاب ڪندي چيو ته قرآن پاڪ مسلمانن جو مقدس ڪتاب آهي

 جنهن جو تقدس اسان کي پنهنجي جان کان وڌيڪ آهي، قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪنھن به قيمت برداشت نه ڪنداسين هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سوئيڊن سان لاڳاپا ختم ڪري اتان جي سفير کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي

 ريلي ۾ مولانا سيف ﷲ جھتيال اسدﷲ جھتيال علي اڪبر ميمڻ نعمت ﷲ ھليو امان ک جھتيال اسامہ کوکر ۽ جي يو آء جي ڪارڪنن ۽ شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو