ٻارن سان وڌندڙ زيادتي واقعن تي شاگردن کي اسڪولن ۾ آگاهي ڏيڻ جون هدايتون

Spread the love

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ ٻارن سان زيادتي جي واقعن تي اسڪولن ۾ شاگردن کي جنسي تشدد بابت آگاهي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي اسڪول ايجوڪيشن کاتي سڀني ضلعن جي تعليمي اختيارين کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون آهن.کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ٻارن تي وڌندڙ تشدد جا ڪيس ڳڻتيءَ جوڳا آهن، شاگردن کي ان معاملي تي حساس ڪرڻو پوندو، ٻارن کي تشدد کان بچائڻ لاءِ ليڪچر ڏنا وڃن.نوٽيفڪيشن موجب ٻارن کي شڪي ماڻهن کان بچڻ ۽ جنسي هراسگي بابت آگاهي ڏني وڃي، جڏهن ته اسڪولن ۾ شاگردن کان تشدد بابت تفصيل ورتا وڃن

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو