وزير اعلي سنڌ پاران محرم الحرام دوران صفائي سٿرائي جي حوالي سان انتظاميا کي ھدايتون
سيوهڻ شريف (رپورٽ : محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ وزير اعلي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي حڪم تي اسسٽنٽ ڪمشنر سيوهڻ اقبال احمد جنڊاڻ محرم الحرام جي ڏينهن ۾ جلوسن جي نڪرندڙ رستن کي صفائي سٿرائي حوالي ڪم جاري ڪرائڻ جو واسطيدار عملدارن کي ھدايتون جاري ڪيون آھن
جڏھن اسسٽنٽ ڪمشنر سيوھڻ محرم الحرام جي موقعي تي جن روٽن تان ماتمي جلوسن جو گذر گاھ آھي انھن روٽن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ موقعي تي واسطيدار کاتن جي عملدارن کي ھدايتون پڻ ڪيو ، ان موقعي تي پوليس ۽ واپڊا انتظاميا سيوهڻ گڏ هئي
وڌيڪ اسسٽنٽ ڪمشنر اقبال احمد جنڊاڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت وزير اعلي سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو جي حڪم تي محرم الحرام جي ڏينهن ۾ جلوسن جي نڪرندڙ رستن کي صفائي سٿرائي حوالي ڪم جاري ڪريو جلوسن جي روٽ تي ٿڌي پاڻي جون سبيلون پڻ لڳايون وينديون ـ
جُولاءِ 22, 2023