مورو ۾ انجمن حسيني جي زير انتظام عزاداري ۽ مجلس عزا جو اهتمام

Spread the love

مورو  (رپورٽ: ڪاشف علي لغاري) شهيد ڪربلا امام حسين عليه اسلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ مورو جي مرڪزي امام بارگاھ حسيني ۾ انجمن حسيني جي زير انتظام سيد سجاد حيدر شاھ، سيد بابر علي شاھ،ڊاڪٽر ممتاز علي ميمڻ، جاويد مصطفي ڪانڌڙو، ڪاشف علي ٻرڙو، شير علي ساٽي سيد گلڻ شاھ شوڪت علي سرهيو غلام سرور سرهيو ۽ ٻين مومنين جي اڳواڻي ۾ عزاداري ۽ مجلس عزا جو اهتمام ڪيو ويو مجلس جنهن کي علامه سائين بخش مناظري خطاب ڪندي چيو ته مولا امام حسين عليه السلام انساني زندگي لاءِ سونهري اصول متعارف ڪرايا،

ڪربلا جي ميدان ۾ حق ۽ باطل وچ ۾ جنگ هئي، جنهن ۾ “حسينيت” حق جي فتح ٿي، جڏهن ته باطل کي شڪست ٿي. هن چيو ته نبي اڪرم ﷺ جي فرزند امام حسين عالي مقام جي عملي زندگي کي مشعل راهه بڻائڻ جي سخت ضرورت آهي،

ڪربلا جي واقعي اسان کي ناانصافي ۽ زيادتي سان وڙهڻ سيکاريو آهي. جڏهن مجلس دوران سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا هئا ۽ علمدار اسڪائوٽ ۽ اوپن گروپ جي نوجوانن پوليس سان گڏجي سيڪيورٽي سخت رکي جڏهن ته آخر ۾ مومنين ۾ لنگر نياز تقسيم ڪيو ويو.

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو