قسطن تي عمرو ڪرڻ جو پيڪيج

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀلو پار ڏسڻ ۽ زندگي ۾ عمرو ڪرڻ جي خواهش ته هر مسلمان کي هوندي آهي، ڪي ايتري مالي سگهه رکندا آهن پر ڪي وري مالي سگهه نه رکندا آهن.

ان حوالي سان 16100 رپين جو هر مهيني قسط وارو  عمرو پيڪيج ڏنو ويو آهي.

اهو پيڪيج ميزان بينڪ طرفان ڏنو پيو وڃي جنهن ۾ لبيڪ ان جو پارٽنر آهي.

پيڪيج ۾ 17 ڏينهن ٽور جو آهي جنهن ۾ مڪي ۽ مديني شريف ۾ ٿري اسٽار هوٽل ۾ رهائش شامل آهي.

ميزان بينڪ ان تي ڪو به وياج نٿي وٺي ۽ قسط جي رقم 16100 رپيا آهي.

ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل ويجهي بينڪ جو دورو ڪري يا وري آن لائن بينڪ جي ويب سائيٽ تي حاصل ڪري سگهجن ٿا.

جُولاءِ 22, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو