قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار انٽرپول ذريعي مسقط مان گرفتار، پاڪستان منتقل
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بهاولنگر ۾ قتل جي سنگين ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ايف آءِ اي نيشنل سينٽرل بيورو انٽرپول پاڪستان گرفتار ڪري ورتو.اشتهاري جوابدار عبدالله پنجاب پوليس کي گهربل هو، جوابدار کي مسقط مان گرفتار ڪري پاڪستان منتقل ڪيو ويو.جوابدار لاف قتل جي قلمن تحت ڪيس داخل هو ۽ ايف آءِ اي نيشنل سينٽرل بيورو انٽرپول پاڪستان جوابدار جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيو هو.پوءِ ايف آءِ اي ايميگريشن جوابدار کي بهاولنگر پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جوابدار جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول مسقط سان ويجهي رابطي ذريعي ممڪن ٿي.
جُولاءِ 22, 2023