روھڙي : محرم الحرام شروع ٿيندي ئي مجلسن جو سلسلو شروع
روھڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) محرم الحرام شروع ٿيندي ئي ملڪ جي ٻين شھرن جيان روھڙي ۾ به عشره محرم الحرام جي مجلسن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي
ان موقعي تي روھڙي سيمينٽ فيڪٽري ويجھو مسجد و امام بارگاھ رحمت العالمين ۾ عشره محرم الحرام جي پھرين ۽ ٻئين مجلس عزا ٿي گذري جنهن جي خطاب جو شرف دانشور و معظم انجنيئر غلام رضا جعفري آف ڪراچي حاصل ڪيو
جڏهن ته منقب و اسٽيج جا فرائض استاد مومن علي مرتظوي جن ادا ڪيا عشره محرم الحرام جي مجلس کي خطاب ڪندي ڪربلا واقعي تي روشني وڌي مجلس عزا ۾ علماءِ ڪرام امام حسين عليه السلام, مولا غازي عباس، شھزادہ علي اڪبر، شھزادہ علي اصغر، معصوم سڪينه سميت ڪربلا جي شهيدن سان پيش ايندڙ مشڪل ۽ مصيبتن جو به ذڪر ڪيو ويو علامہ جن پنهنجي خطاب ۾ امام حسين عليه زندگيءَ جي پيروي ڪرڻ، صبر ۽ نماز کي قائم رکڻ جو به درس ڏنو جڏهن ته بعد مجلس عزا سنڌ جي مشھور نوحا خوان بدر الزمان قاسمي جن نوحا پڙھيا ۽ روھڙي شھر توڙي آس پاس کان آيل مومنين پاران سينا زني ڪئي وئي ۽ آخر ۾ مسجد رحمت العالمين جي انتظاميا پاران نياز امام حسين عليه ۽ سبيل جو اھتمام ڪيو ويو
جُولاءِ 22, 2023