پشاور: ايف سي جي گاڏي تي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي
پشاور: ايف سي جي گاڏي تي آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائيOn جولائی 21, 2023 Shareپشاور (ويب ڊيسڪ) حيات آباد ۾ ايف سي جي گاڏي تي آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ ۾ تفصيل سامهون اچي ويا، جڏهن ته سهولتڪاري جي الزام ۾ ٽن شڪين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب حراست ۾ ورتل شڪين کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، جڏهن ته سي سي ٽي وي ۽ ٻين شاهدين جي روشني ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي آور پجگي جي علائقي مان گاڏي ۾ سوار ٿيو ۽ مختلف علائقن مان ٿيندو حيات آباد پهتو، جنهن جو ٽارگيٽ سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي هئي.ذريعن موجب سي ٽي ڊي آپگهاتي حملي آور جي موبائل فون ۽ سم برآمد ڪري ورتي آهي، آپگهاتي حملي آور جي استعمال هيٺ موبائل سم ڪنهن ٻئي جي نالي تي هئي، جڏهن ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سم جي مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي، سم جي مالڪ پوليس کي بيان ڏنو ته مون کان سم گم ٿي وئي هئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آپگهاتي حملي آور ملڪ جي مختلف حصن مان ايندڙ ڪالز تي ڳالهايو، آپگهاتي حملي آور بابت سمورا تفصيل پوليس نادرا کان حاصل ڪيا آهن.س
جُولاءِ 21, 2023