جناح هائوس حملي ۾ جي آءِ ٽي جاچ مڪمل، پي ٽي آءِ چيئرمين ڏوهي قرار
لاهور (ويب ڊيسڪ) جي آءِ ٽي 9 مئي واقعن جي جاچ مڪمل ڪندي رپورٽ تيار ڪري ورتي.جناح هائوس حملي ڪيس نمبر 23/96 ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين سميت نامزد جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو.جاچ ۾ چيو ويو آهي ته نامزد جوابدارن جي جناح هائوس واقعي ۾ منصوبابندي ۽ عملدرآمد ثابت ٿي ويو، جناح هائوس حملو ۽ 9 مئي تي ٻيا واقعا باقاعدي منصوبابندي تحت ڪيا ويا، جاچ دوران ڊجيٽل شاهديون، موبائل وڊيوز، ڪلوز سرڪٽ فوٽيجز، موبائل رابطا ثابت ٿي ويا.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين جي بيان ۾ شاهدين سان تضاد آهي، جي آءِ ٽي سامهون پيش ٿيندڙ ٻين اڳواڻن جا بيان به حقيقتن جي ابتڙ ثابت ٿيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊجيٽل ۽ فرانزڪ شاهدين سامهون سوالن جا مناسب جواب نه ڏئي سگهيا.ڪيس نمبر 23/96 کانسواءِ ٻين ڪيسن ۾ به پي ٽي آءِ قيادت ڏوهي نڪتي، 10 ڪيسن ۾ نامزد ۽ گرفتار جوابدارن جي حساس ملڪيتن تي موجودگي جيو فينسنگ رپورٽ ۾ ثابت ٿي.سڀني ڪيسن جي جاچ رپورٽ جلد عدالت ۾ پيش ڪئي ويندي.
جُولاءِ 21, 2023