بي حرمتي ڪندڙ شيطان جي پيروڪارن کي روڪڻو پوندو: وزيراعظم
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته او آءِ سي جي پليٽ فارم تان ان شيطانيت جي تدارڪ جي گڏيل حڪمت عملي جوڙينداسين، او آءِ سي کي مسلم امت جي احساسن جي ترجماني ۽ ان شيطانيت کي روڪرائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪرڻو آهي، توريت، انجيل ۽ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي اجازت ڏيڻ جي فيصلي کي تبديل ڪرڻ جي مهم هلائينداسين.هن چيو ته مقدس ڪتابن، هستين جي بي حرمتي اظهار جي آزادي نه دنيا کي مستقل آزار ڏيڻ جي آزادي آهي، انهن واقعن جو تسلسل ۽ تربيت ثبوت آهي ته اهو اظهار نه پر سياسي ۽ شيطاني ايجنڊا جو حصو آهي.سندس چوڻ هو ته مسلم امت ۽ عيسائي برادري کي گڏجي ان سازش کي روڪڻو پوندو، شيطان جا پيروڪار بي حرمتي ڪري رهيا آهن، نفرت کي هٿي ڏني پئي وڃي، جنهن جي عالمي قانون اجازت نٿو ڏئي.وزيراعظم چيو ته مذهبي جذبن کي ڀڙڪائڻ، شر پسندي، دهشتگردي ۽ تشدد تي اڪسائڻ جا اهي رويا دنيا جي امن لاءِ خطرناڪ آهن، اهي رويا قانوني ۽ اخلاقي ٻنهي لحاظن سان نفرت ۽ مذمت جوڳا آهن.
جُولاءِ 21, 2023