ٻار ڄڻڻ جي خواهش ناهي رهي: صنم سعيد

Spread the love

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مشهور اداڪارا صنم سعيد انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ٻار ڄڻڻ نه پر هنج وٺڻ چاهي ٿي.

هن سال جي شروعات ۾ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ اداڪارا صنم سعيد اداڪار محب مرزا سان پنهنجي شادي جي تصديق ڪئي هئي.

هاڻ تازو ئي هن هڪ ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اداڪارا چيو ته ماضي ۾ کيس ٻار ڄڻڻ جي خواهش هئي پر هاڻ هوءَ ٻار نٿي ڄڻڻ چاهي پر هوءَ ڪنهن بي سهارا ٻار کي هنج وٺڻ جو ضرور سوچي رهي آهي.

صنم سعيد جو ٻارن جي حوالي سان ڳالهائيندي وڌيڪ چوڻ هو ته هوءَ ڪنهن نئين انسان کي دنيا ۾ آڻڻ بدران ڪنهن بي سهارا ٻار کي هنج وٺندي ۽ اهو سڀ کان سٺو عمل آهي.

اداڪارا اهو به چيو ته ماڻهن کي اهڙي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪا هنن لاءِ فائديمند هجي.

صنم سعيد شڪايت ڪندي چيو ته ڪنهن جي شادي، طلاق يا ٻي شادي بابت افواهون يا اڳڪٿيون ڪرڻ ڪا سٺي ڳالهه ناهي.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو