سيٺارجا لڳ يوم شھادت حضرت عمر فاروق رضه جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

سيٺارجا (رپورٽ: ذولفقار علي انصاري)  سيٺارجا ڀرسان سئي گئس ۾ سني رابطه ڪائونسل پاران يوم شھادت حضرت عمر فاروق رضه جي حوالي سان مڪي مسجد کان سئي گئس شھر جي مکيا چوڪ  تائين ريلي ڪڍي وئي

 ان موقعي تي اڳواڻن  مولانا ثنا الله منڱريو,مولانا محمد اسماعيل حيدري,,مولانا طارق اعظم شر خطاب ڪندي چيو ته حضرت عمر فاروق رضه اسلام جي سر بلندي ۽ بقا لاء عظيم جدوجهد ڪئي ڏکئي وقت ۾ اسلام جي حفاظت ڪندو رھيو

حضرت عمر فاروق رضه جي دؤر خلافت ۾ اسلامي سلطنت جو حدون پري پري تائين پکڙجي ويون ھيون. اسلامي سلطنت ۾ امن و استحڪام قائم رهيو حضرت عمر فاروق رضه غريبن جي ڀلائي اسلام جي سر بلندي لاء بھترين ڪردار ادا ڪيو جنھن کي تاريخ ڪڏھن وساري نه سگهندي ۽آخر ۾ ھنن حڪومت پاڪستان ۽ صوبائي حڪومت کان يوم شھادت سيدنا عمر فاروق جي ڏھاڙي تي عام موڪل ڪري سرڪاري سطح تي ملھائڻ جو اعلان ڪرڻ گھرجي

 اڳواڻن وڌيڪ ڳالھائيندي چيو ته  ٽي وي چينلن ۽ ريڊيو تي منقبت نشر ڪيون وڃن يوم شھادت حضرت عمر فاروق تي عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو