دادو: ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙي جي ورسي ملھائي وئي

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙي جي 16هين ورسي، سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو پاران نامياري ڪهاڻيڪار شاعر ۽ نقاد مشتاق ڀرڳڙي جي 16هين ورسي طالب المولي هاءِ اسڪول دادو ۾ ملهائي وئي.

تقريب جي صدارت ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ذوالفقار گاڏهي ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ مارو جمالي، ناچيز قريشي،شير ڀرڳڙي ۽ مرحوم مشتاق ڀرڳڙي جو فرزند مثال مشتاق شامل هئا.صدارتي خطاب ڪندي ذوالفقار گاڏهي چيو ته مشتاق ڀرڳڙي سنڌي ادب جو مشتاق هو.ڪتابن سان عشق هوندو هيس.هو ارادي جو پڪو هوندو هو، جيڪو ڪم هٿ ۾ کڻندو هو تنهن کي دل سان مڪمل ڪندو هو.خاص مهمان ناچيز قريشي چيو ته مشتاق ڀرڳڙي جو ادبي پورهئي کي اڄ به قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، سندس نثري نظم ظاهر ڪن ٿا ته موت کيس سڏي رهيو هو،

خاص مهمان ماروجمالي چيو ته مشتاق ڀرڳڙي اعتماد ۽ اعتبار وارو دوست هو. سندس وڇڙڻ کانپوءِ اسان هڪ سچي ڪهاڻيڪار ۽ نقاد کان محروم ٿي ويا آهيون، مشتاق ڀرڳڙي جي وڏي ڀاءُ شير ڀرڳڙي چيو ته مشتاق جي ذهني ايپروچ مٿاهين درجي جي هئي، هو بيحد حساس انسان هو.مشتاق جي فرزند مثال مشتاق چيو ته بابا جي وفات وقت مان هڪ سال کن جو مس هيس،

 مون کي هن جي صورت به ياد نٿي اچي، پر بابا مون کي پنهنجن دوستن ۾ نظر اچي ٿو، جيڪي کيس اڄ به ياد ڪندا اچن ٿا، رجب آزاد چيو ته مشتاق سان ادبي سفر ۾ گڏ گڏ هلياسين،هودوستن کي گڏ کڻي هلڻ وارن مان هو.اهو ئي سبب هو جو ادبي پروگرامن ۾ هڪ وفد جي صورت ۾ شريڪ ٿيندا هياسين،

عمران سومري مقالو پڙهندي چيو ته اهو مشتاق ڀرڳڙي جو قلمي پورهيو ئي آهي ، جو سورهن سالن گذرڻ باوجود وسري نه سگهيو آهي، سنگت دادو جي دوستن کي جس هجي، جيڪي هر سال کيس ياد ڪندا رهن ٿا،تابش بخاري خطاب ڪندي چيو ته، مشتاق ڀرڳڙي بهترين ليکڪ ته هيو ئي پر هو بهترين منتظم پڻ هيو.ادبي سنگت سان کيس جنون جي حد تائين عشق هو.

ليکڪ وريام سنڌي چيو ته مشتاق ڀرڳڙي سنڌي ادب جو هڪ نه وسرندڙ ڪردار آهي.سندس ورسي پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ فرض سمجهي ۽ ڪراچي کان پهتو آهيان، جڏھن ته ايڊووڪيٽ وقار سولنگي، شعبان آزاد ۽ معروف سولنگي پڻ مشتاق ڀرڳڙي جي فن ۽ فڪر تي روشني وڌي، ان موقعي تي مشاعرو پڻ ٿيو.

مشاعري جي نشست ۾ ناچيز قريشي، دکي دائود، مجاهد مشوري، ظفر شينو، مير منظور جويو، تابش بخاري،غني ٻٻر،اصغر جمالي، پير اياز پير، شاهد شير، امجد قمبراڻي، رجب راز ڀٽي ۽ ٻين شاعري پيش ڪري خوب داد وصول ڪيو.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو