ڪراچي : گلشن حديد لڳ ڌاٻيجي واسي جو قيمتي سامان چوري

Spread the love

ڪراچي ملير ( ڪرائيم رپوٽر نادر وسير  ) گلشن حديد ويجهو ڌاٻيجي جي رهواسي کان چور روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا حد جي پوليس جي بروقت ڪارروائي ٻه جوابدار گرفتار، پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي

 پر فرياد تي ڪيس داخل نٿي ڪري سجاد ٿهيم تفصيل موجب گذريل ڏينهن گلشن حديد فيز 3 ڀرسان ڌاٻيجي جي رهواسي سجاد ٿهيم کان چور موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا،

اسٽيل ٽائون پوليس بروقت ڪارروائي ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ هڪ عورت شامل ، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو،

ڌاٻيجي جي رهواسي سجاد ٿهيم جو چوڻ آهي ته پوليس منهنجي درخواست تي نه ايف آءِ آر داخل ڪري رهي آهي ۽ نه ئي منهنجو سامان واپس ڪرائي رهي آهي،

وزير اعلي سنڌ، ايس ايس پي ملير کي اپيل ٿو ڪريان ته منهنجي درخواست تي جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ منهنجو چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو