ڏوڪريءَ ۾ سماجي تنظيم طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي وئي
ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪريءَ ۾ هڪ سماجي تنظيم طرفان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ڪيترين بيمارين جو ٽيسٽون ڪري مريضن ۾ مفت دوائون ورهايون ويون آهن.
الخدمت فائونڊيشن پاڪستان نالي هڪ سماجي تنظيم جي الخدمت هليٿ ونگ جي موبائل يونٽ ڏوڪريءَ جي مدينه پاڙي ڀرسان مفت ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي.
ميڊيڪل ڪئمپ ۾ مليريا، ڊينگيو، ڪاري ڪامڻ ۽ ٻين بيمارين جون مفت ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ مريضن ۾ مفت دوائون پڻ تقسيم ڪيون ويون.
ان موقعي تي ڊاڪٽر سيد بابر رضوي، ڪئمپ جي انچارج علي دايو، محبت جکرو، قيوم جکرو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته مفت طبي ڪئمپ لڳائڻ جو بنيادي مقصد انساني خدمت آهي،
گرميءَ ۽ مون سون جي موسم ۾ ڪيتريون ئي هاڃيڪار بيماريون ڪر کڻن ٿيون، جنهن لاءِ ضروري آهي ته عوام جي درن تي وڃي کين طبي سهولتون فراهم ڪجن. ان موقعي تي ڏوڪريءَ جي رهواسي مردن توڙي عورتن وڏي تعداد ۾ ڪئمپ ۾ علاج لاءِ پهتا.
جُولاءِ 20, 2023