پاڪستان ۽ يوڪرين ۾ ڪو دفاعي معاهدو ناهي ٿيو: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو دفاعي معاهدو ناهي ٿيو.
يوڪريني هم منصب ڊميٽرو ڪليبا سان گڏ اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته روس –يوڪرين جنگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ٿيڻ گهرجن.
هن چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ ڪو دفاعي معاهدو ناهي ٿيو، اسان خطي ۾ امن چاهيون ٿا ۽ پاڪستان يوڪرين سان ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ جو خواهشمند آهي، يوڪرين سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ چاهيون ٿا.
يوڪريني پرڏيهي وزير ڊميٽرو ڪليبا چيو ته پاڪستان ۽ يوڪرين وچ ۾ سٺا لاڳاپا آهن، واپار ۽ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا.
هن چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ يوڪريني شين جي پهچ کي آسان بڻايو ويندو، اسان جي سلامتي ۽ خود مختياري جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃون ٿا.
